سعيد سومرو

سعيد سومرو

سعيد سومرو

سعيد سومرو: نوجوان شاعر سعيد سومرو ولد حاجي گل محمد سومرو، 4 فبروري 1977ع تي قمبر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اي (اردو ادب) 2000ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪئي. سعيد سومري 1992ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو آهي. 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت قمبر جو ميمبر ۽ سنگت جي اخبار ’لکڻهار‘ جو ايڊيٽر ٿيو. هن 2001ع ۾ ’ڪنول پبليڪيشن قنبر‘ جو بنياد وڌو، جنهن پاران 200 کن مختلف ليکڪن جا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. هن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: (1) ’سرءُ جي اداس سانجهه‘ (2000ع)، ۽ (2) ’درد جي باک‘ (2001ع) ڇپجي چڪا آهن. کيس 2001ع ۾ عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ، ’ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ‘ ڏنو.


لفظ سعيد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.02.04  عيسوي

نوجوان شاعر سعيد سومرو ولد حاجي گل محمد سومرو، 4 فبروري 1977ع تي قمبر ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي محمد بخش ڦرڙو
ابراهيم شاهه صوفي
چانڊيو نظام الدين
روشن محمد ذهين ٺٽوي
ڀڳت مدن
خادم حسين شاهه
بدر شاهه
سائر مزمل هاليپوٽو
شاهه غلام عباس
زين العابدين شاهه زينل پير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون